سنڌي لوڪ رنگ

سنڌي لوڪ رنگ

سنڌي لوڪ رنگ

سنڌي لوڪ رنگ (ڪتاب): هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي آهي، جنهن ۾ هن گجرات جي ڪڇ واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي ريتن، رسمن ۽ سنگيت جي باري ۾ڄاڻ ڏني آهي. ڪڇ وارو علائقو آڳاٽي دور ۾سنڌ جو حصو هوندو هو. ليکڪ گجرات جي ڪڇ جو اڀياس ڪري اتان جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن کي ’سنڌي لوڪ رنگ‘ جي نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب جي فهرست ۾ سنڌي لوڪ وهنوار، سنڌي ويس، سنڌي ريتون رسمون، سنڌي نالا، نکون، لوڪ سنسڪرتي، پکي ۽ سنڌي ڏڻ شامل آهن. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 112 صفحا آهن، هي ڪتاب سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن جي طرفان 2009ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو